ديوان واصف

ديوان واصف

ديوان واصف

ديوان واصف (ڪتاب): هي سنڌي ٻوليءَ جي مشهور شاعر محمد بخش ’واصف‘ جي الف ب وار غزلن جو ديوان آهي. هن ديوان جو مقدمو مشهور شاعر ۽ نقاد شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘ لکيو آهي ۽ هن ديوان جو پهريون ڇاپو ڊيمي سائيز ۾ 1922ع ڌاري پـوڪـرداس ٿـانـورداس شڪارپور طرفان شايع ٿيو ۽ ان جو ٻيو ڇاپو ڪرائون سائيز ۾ هزار ڪاپيون 1955ع ۾ آر. ايڇ. احمد برادرس بوڪ سيلرز، بازار حيدرآباد'>شاهي بازار حيدرآباد طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو. رديفن مطابق الف- ب وار غزلن جو هي ديوان 218 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي آخر ۾ محمد بخش واصف جون وايون به ڏنيون ويون آهن، ان کان سواءِ پڇاڙيءَ ۾ مرزا مدد علي بيگ ’مدد‘، منشي عبدالقادر ’وارثي‘ ۽ محمد صديق مسافر هن ديوان جي ڇپجڻ واري سال تي قطعه تاريخون لکيون آهن. هن ڪتاب جي ان وقت ٽي روپيا قيمت هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو